سردار شاهه

سردار شاهه

سردار شاهه

سيد سردار علي شاھه: مشھور شاعر، اديب ۽ سياستدان سيد سردار علي شاھھ ،12 اپريل 1974ع تي ڳوٺ کاروڙي سيد، تعلقي ۽ ضلعي ‏عمرڪوٽ ۾، درگاھھ کاروڙي سيد جي گادي نشين سيد علي مراد شاھھ جي گهر ۾ جنم ورتو .سردار شاھھ مٽياري سادات جي خاندان مان آھي ۽ ‏خانداني طور زميندار آھي. سردار شاھھ سول انجنيئرنگ ۾ ‏B.E‏ جي ڊگري مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ‏کان وٺي کيس لکڻ پڙھڻ سان شوق رھيو. ادبي دنيا ۾ سردار شاھھ جي نالي سان مشھور آھي .مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ۽ ‏ڪالم ڇپيل آھن. سندس شمار موجوده دور جي سٺن ڪالم نگارن ۾ ٿئي ٿو .ھن خاص ڪري قبيلائي تڪرارن، وڏيرڪي ۽ سرداري نظام، ‏دھشتگرديءَ ،تعليم جي تباھيءَ ،سنڌي ھندن سان ٿيندڙ ناانصافين، ھارين ۽ زميندارن جي تڪرارن، سنڌو درياھھ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ ‏سنڌ کي درپيش مسئلن تي ڪالم لکيا آھن . سردار شاھھ نئين ٽھيءَ جي شاعرن ۾ سٺو مقام رکي ٿو .ھي حليم باغيءَ کانپوءِ واري ٽھي- مير ‏حسن آريسر ،حاجي ساند، اشرف پلي، خليل ڪنڀار ۾ پنھنجو منفرد مقام رکي ٿو .سندس ادبي ،سياسي ۽ تاريخي مطالعو نھايت وسيع آھي. ‏انهن موضوعن تي ھو سٺي انداز ۾ تقرير ڪري سگهندو آھي . سـردار شـاھھ پيءُ جي وفات کانپوءِ درگاھھ کاروڙي سيد جو سجاده نشين مقرر ٿيو ‏‏.عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ سندس خاندان جا مريد ۽ پوئلڳ وڏي تعداد ۾ آباد آھن. سردار شاھھ سياسي سرگرمين جو آغاز شاگرديءَ واري ‏زماني کان ڪيو .2001ع جي بلدياتي چونڊن ۾ يونين ڪائونسل کاروڙي سيد لاءِ پيپلز پارٽيءَ پاران ناظم چونڊيو ويو .سيد سردار شاھھ2013ع ‏‏۽ 2018ع جي صوبائي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان پٿوري- ساماري واري تڪ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ثقافت ۽ تعليم کاتن ‏جو صوبائي وزير رهيو. ساڳي ريت 2024ع جي عام چونڊن ۾ عمرڪوٽ ‏I‏ جي تڪ (پي ايس: 49) تان ڪاميابي ماڻي تعليم، ڪاليج ‏ايڊيوڪيشن ۽ معدنيات کاتي جو صوبائي وزير مقرر ٿيو. سردار شاھھ جي ڪالمن جو ھڪ مجموعو ‘مي رقصم’ جي نالي سان 2011ع ۾ ڇپيو ‏آھي ،جنھن تي طارق عالم اڪيڊميءَ کيس 2012ع تي اوارڊ پڻ ڏنو آھي . سردار شاھھ ٽھ ماھي رسالي ‘سارنگا’ جي ايڊيٽوريل سٿ جو ميمبر پڻ ‏آھي .ھن شوڪت شوري ،اسحاق سميجي ،اڪبر لغاري ،منظور ميراڻيءَ سان گڏجي ھن وقت تائين ’سارنگا‘ رسالي جا 18 کن پرچا ڪڍيا آھن ۽ ‏سارنگا پبليڪيشن طرفان ڪيترا نثر ۽ شاعريءَ جا ڪتاب پڻ ڇپائي پڌرا ڪيا آھن . ھن جا ادبي واسطا سرائڪي ،پنجابي ۽ اردو اديبن سان ‏تمام ويجها رھيا آھن ،خاص ڪري سرائڪي اديب عزيز شاھد سان گڏجي ھن ٿر ۽ چولستان جا دورا ڪيا آھن .‘سارنگا’ ۾ ھن ،اسحاق سميجي ‏‏۽ ٻين دوستن عزيز شاھد جو ھڪ طويل انٽرويو شايع ڪرايو آھي، جنھن ادبي دنيا ۾ وڏي مڃتا حاصل ڪئي آھي.‏


لفظ سردار شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.04.12  عيسوي

مشھور شاعر، اديب ۽ سياستدان سيد سردار علي شاهه ،12 اپريل 1974ع تي ڳوٺ کاروڙي سيد، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾، درگاهه کاروڙي سيد جي گادي نشين سيد علي مراد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شبنم موتي
شرف صديقي
شاهو خان زنگيجو
اويڙ پلي
ارشد هالائي
پرڀداس آوت رام ڪندناڻي
شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب هروي
اقبال علامه ڊاڪٽر
ڀرڳڙي مشتاق
شيخ محمد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون